شيخ رشيد پاران ريلوي هيڊڪوارٽر لاهور مان ڪراچي منتقل ڪرڻ ۽ ٽي نيون ريل گاڏيون هلائڻ جو اعلان

news

 لاهور: ڇنڇر 22 سيپٽمبر 2018ع: ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد ريلوي هيڊ ڪوارٽر ڪراچي منتقل ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ مانيٽرنگ ڪميٽي قائم ڪئي آهي، ريلوي جا 3 وڏا پلاٽ وڪرو ڪرڻ جي خواهش آهي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته ريلوي ۾ ريزرويشن آفيس رات 12 وڳي تائين کليل رهندا، ريل گاڏين ۾ واءِ فائي جي سهولت جلد ڏني ويندي. هن چيو ته ايم ايل ون سي پيڪ ۾ شامل آهي، جڏهن ته ايم ايل ٽو جي به آفر ڪئي پئي وڃي. شيخ رشيد جو چوڻ هو ته 100 ڏينهن ۾ 10 ٽرينن جو انگ 15 تائين پهچايو ويندو.

شيخ رشيد چيو ته 1905ع جي رڪارڊ تي وڏن واڳن قبضو ڪيو  آهي، هڪ لک 37 هزار کان هڪ لک 19 هزار پٽيشنرز تي اچي ويا آهن، ريلوي ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ ڪميٽي به جوڙي وئي آهي. هن چيو ته ريلوي هيڊ ڪوارٽر کي ڪراچي منتقل ڪري رهيا آهيون، وزيراعظم کي درخواست ڪئي آهي ته ريلوي ملازمن جي پگهار وڌائي وڃي.

سندس چوڻ هو ته ريلوي تي 25 ارب رپين جو قرض آهي، ريلوي جو خسارو 38 ارب رپيا آهي، ريلوي جا 2 وڏا پلانٽ وڪرو ڪرڻ جي خواهش آهي، وزيراعظم جي منظوري کانپوءِ پلاٽ وڪرو ڪيا ويندا. هن چيو ته کاتي ۾ کاتي ۾ 23 هزار نئين ڀرتين جي ضرورت آهي، اسان 10 هزار ماڻهو ترت ڀرتي ڪرڻ چاهيون ٿا.

هن اعلان ڪندي چيو ته لاهور کان فيصل آباد نان اسٽاپ ٽرين پهرين آڪٽوبر کان هلندي،  موهن جو دڙو ۽ روهڙي ايڪسپريس 16 آڪٽوبر کان هلندي، موهن جو دڙو ايڪسپريس لاڙڪاڻو، سيوهڻ شريف ۽ ڄامشورو تائين هلندي، جڏهن ته روهي ايڪسپريس پنوعاقل، گهوٽڪي، ڏهرڪي، صادق آباد، رحيم يار خان ۽ خانپور تائين هلندي، جڏهن ته ٽريڪ جي حالت بهتر ٿيڻ کانپوءِ ريل گاڏين جي اسپيڊ 160 ڪلوميٽر في ڪلاڪ ڪنداسين.