ايشوريا راءِ ڊزائنر منيش ملهوترا جي فيشن شو ۾ نظر ايندي

news

 ممبئي: ڇنڇر 22 سيپٽمبر 2018ع: اڳوڻي مس ورلڊ ۽ بالي ووڊ اداڪاره ايشوريا راءِ ڊزائنر منيش ملهوترا جي فيشن شو ۾ نظر ايندي.

ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق اداڪاره دوحا ۾ ڊزائنر منيش ملهوترا جي فيشن شو ۾ اسٽوپر طور ريمپ تي واڪ ڪندي. اهو فيشن شو قطر جي گادي واري شهر دوحا ۾ ٿيندو.