فلم جي عڪسبندي کان اڳ تياري ضروري ناهيان سمجهندي: تبو

news

 ممبئي: ڇنڇر 22 سيپٽمبر 2018ع: بالي ووڊ اداڪاره تبو چيو آهي ته فلم جي عڪسبندي کان اڳ تياري ضروري ناهيان سمجهندي.

ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق اداڪاره ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فلم ”انڌا ڌنڌ“ جي عڪسبندي دوران هدايتڪار سريرم راگهو جمهوري انداز ۾ ڪم ڪيو، هن اسان کي آزاد ڇڏي ڏنو جيڪو اسان ڪرڻ چاهيون پيا اهو ڪيوسين، ان لاءِ فلم جي عڪسبندي کان اڳ ان جي تياري کي ضروري ناهيان سمجهندي.