ٻلهڙيجي ڀرسان دل ۽ ڦڦڙن جي بيماري ۾ ورتل ٻارڙو فوت

news

 ڏوڪري: ڇنڇر 22 سيپٽمبر 2018ع: موهن جو دڙو ڀرسان ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ 8 ورهين جو معصوم ٻارڙو سمير علي ابڙو ڦڦڙن ۾ پاڻي ڀرجي وڃڻ واري خطرناڪ بيماري ۽ دل واري تڪليف سبب زندگي جي جنگ هارائي ويو ۽ حقيقي مالڪ سان وڃي مليو.

فوتي ٻارڙي جي والد قربان ابڙو چيو ته سنڌ سرڪار ۽ سرندي وارا  منهنجي معصوم پٽ جو علاج ڪرائين ها ته ٿي سگهي پيو ته منهنجي پٽ جي حياتي بچي وڃي ها. هن وڌيڪ چيو ته اهو ڏک ضرور مون کي رهندو جو مان غربت سبب پنهنجي معصوم پٽ جو علاج نه ڪرائي سگهيس.