ڪراچي جي بروهي ڳوٺ ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن تعليم بدران معصوم ٻارڙن کان پورهيو ڪرائڻ لڳي

news

 ڪراچي: ڇنڇر 22 سيپٽمبر 2018ع: ڪراچي جي پي ايس 99، يوسي 31 گجرو جي علائقي وزير بروھي ڳوٺ ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي انتظام هيٺ هلندڙ براق پاڪستان پرائمري اسڪول انتظاميا پاران اسڪول جي بلڊنگ جي تعميراتي ڪم لاءِ معصوم ٻارڙن کي تعليم ڏيڻ بدران ريتي ۽ بجري کڻائڻ لڳي آهي.

اسڪول جي معصوم ٻارڙي پاران گڏاپ نيشنل پريس ڪلب جي صحافي کي اھڙي شڪايت ڏيڻ کانپوءِ صحافي پاران ٻارڙن جي وڊيو رڪارڊ ڪرڻ تي اسڪول انتظاميا پاران صحافي کي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون.

ان حوالي سان علائقي واسين جو چوڻ آهي ته سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي ھي شاخ آھي جيڪا گھر اندر ٻارڙن کي تعليم ڏيندا آھن، گھر اندر اسڪول ھجڻ ڪري معصوم ٻارڙن کان گھر جو ڪم ڪار به ورتو ويندو آھي، ھي عمر ٻارڙن جي تعليم پرائڻ جي آھي پر اسڪول انتظاميا انھن کان جبري پورھيو ڪرائي انھن جي ذھنن تي ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا آھن، اھڙي عمل سان معصوم ٻارڙن جي تعليم به متاثر ٿي رھي آھي، اسين حڪومت سنڌ، وزير تعليم۽ ٻين وس وارن کي اپيل ٿا ڪيون ته معصوم ٻارڙن کان جبري پورھيو ڪرائيندڙ اسڪول انتظاميا خلاف نوٽيس وٺي ڪارروائي ڪئي وڃي.