ڳالهيون ۽ دهشتگردي گڏ هلي نٿا سگهن، پاڪستان کان پلاند وٺڻ جو وقت اچي ويو آهي: ڀارتي آرمي چيف

news

 ممبئي: ڇنڇر 22 سيپٽمبر 2018ع: ڀارتي آرمي چيف بپن راوت چيو آهي ته پاڪستان خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جي ضرورت آهي، پلاند وٺڻ جو وقت اچي ويو آهي.

هڪ بيان ۾ ڀارتي آرمي چيف موقف اختيار ڪيو آهي ته اسان کي پاڪستاني فوج ۽ دهشتگردن طرفان ٿيندڙ ڪاررواين جو جواب ڏيڻ گهرجي، اسان پاڪستان کي سرپرائيز ڏينداسين، کين به اها ئي تڪليف ٿيڻ گهرجي جيڪا اسان برداشت ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان اهو ئي ڪري رهيو آهي جيڪو ڪندو آيو آهي، اسان پنهنجي ايندڙ ڪارروائي جا تفصيل نٿا ٻڌائي سگهون.

بپن راوت ڀارتي حڪومت طرفان پرڏيهي وزيرن جي ملاقات رد ڪرڻ جي حمايت ڪندي چيو ته ڳالهيون ۽ دهشتگردي گڏ نٿا هلي سگهن، ان حوالي سان ڀارتي حڪومت جي پاليسي واضح آهي. هن هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان تي دهشتگردن جي حمايت جو الزام هڻندي چيو ته پاڪستان کي دهشتگردن جا ٿاڪ ختم ڪرڻا پوندا.