ڀارتي آرمي چيف جو بيان غير ذميواراڻو آهي، امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي: آءِ ايس پي آر

news

 راولپنڊي: ڇنڇر 22 سيپٽمبر 2018ع: پاڪ فوج ڀارتي آرمي چيف جي بيان کي غير ذميواراڻو قرار ڏيندي واضح ڪيو ته اسان جي امن جي ڪوشش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، پاڪستان ايٽمي طاقت آهي، هي جنگ لاءِ تيار آهي، ڪنهن به قسم جو ايڊونچر ٿيو ته منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو، پاڪستان جي اڄ به آڇ آهي اچو ميز تي ويهي ڳالهيون ڪريون، ڀارتي فوج پنهنجي ملڪي سياست ۾ ڦاٿل آهي، عالمي برادري جو ڌيان هٽائڻ لاءِ جنگ جون ڳالهيون ڪري رهي آهي، امن لاءِ ڪافي قربانيون ڏنيون آهن، امن خراب ٿيڻ نه ڏينداسين، پاڪستان ڪڏهن به ڳالهين کان پوئتي ناهي هٽيو، هميشه ڀارت ئي ڀڳو آهي، ڀارت سرجيڪل اسٽرائيڪ جو ثبوت پنهنجي پارليامينٽ ۾ نه ڏئي سگهيو، انڊيا جيتري به ڪوشش ڪري ڪوڙ هميشه ڪوڙ ئي رهندو.

پاڪ فوج جي آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر ميجر جنرل آصف غفور هڪ انٽرويو ۾ ڀارتي آرمي چيف جي بيان جو غير ذميواراڻو قرار ڏيندي چيو ته ري الاٽمينٽ ٿي رهي آهي ۽ ڪيترن ئي ملڪن سان اسان جا لاڳاپا بهتر ٿي رهيا آهن. هن چيو ته ڀارتي فوج پنهنجي ملڪ جي سياست ۾ ڦاٿل آهي، ان لاءِ عالمي برادري جو ڌيان هٽائڻ لاءِ جنگ جون ڳالهيون ڪري رهي آهي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ آزادي جي تحريڪ هلي رهي آهي، هي ٽيون نسل آهي جيڪو قربانيون ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته جيڪي چوندا هئا ته ڪشمير ۾ انتهاپسندي آهي اها سياسي تحريڪ آهي جنهن کي اهي دٻائي نٿا سگهن، جڏهن ته ڀارت ۾ آزادي جون تحريڪون هلي رهيون آهن. هن چيو ته اسان امن چاهيون ٿا ۽ اسان جي امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪ فوج تجربيڪار ۽ بهادر فوج آهي، اسان جنگ لاءِ هر وقت تيار آهيون ۽ ڪنهن به ڀارتي ڪارروائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين. هن چيو ته پاڪستان امن پسند ملڪ آهي اهو ڪڏهن به ڳالهين کان پوئتي ناهي هٽيو، اڄ به پاڪستان ڳالهين جي ڳالهه ڪري رهيو آهي پر ڀارت ٽڪيٽن جو بهانو بڻائي ڀڄي رهيو آهي، پاڪستان جڏهن به ڳالهين جي ڳالهه ڪئي ان کان هميشه ڀارت ئي پوئتي هٽيو آهي. ڀارت پاران سرجيڪل اسٽرائيڪ جي دعويٰ تي ڊي جي آء ايس پي آر چيو ته ڪوڙ کي جيترو به سچ بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ڪوڙ ڪوڙ ئي هوندو آهي. هن چيو ته جيڪا شئي ٿيڻي ئي نه آهي ان جو ڪهڙو جواب. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارت پهريان سرجيڪل اسٽرائيڪ جو ڊونگ رچايو ۽ هو پنهنجي ئي پارليامينٽ کي ثبوت نه ڏئي سگهيو.