پاڪستان ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ بورڊ وچ ۾ ڪي به اختلاف ناهن: احسان ماني

news

 دبئي: ڇنڇر 22 سيپٽمبر 2018ع: پاڪستان ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ بورڊ عملدارن جي دبئي ۾ ملاقات ٿي آهي جنهن ۾ پاڪ ڀارت سيريز جي حوالي سان معاملا بحث هيٺ آيا. ايشيا ڪپ جي موقعي تي دبئي ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ پاڪستان پاران پي سي بي چيئرمين احسان ماني ۽ سبحان احمد جڏهن ته ڀارتي عملدارن ۾ اميتاب چوڌري ۽ راحول جوهري شامل هئا.

ملاقات ۾ پاڪ ڀارت سيريز تي آءِ سي سي ۾ ڪيس به بحث هيٺ آيو جڏهن ته ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جو ايندڙ اجلاس نومبر ۾ لاهور ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي.

پي سي بي چيئرمين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته پاڪستان ۽ ڀارت ٻه طرفي سيريز کيڏن، ٻنهي ملڪن وچ ۾ بورڊ جي سطح تي ڪو اختلاف نه آهي، جڏهن ته سياسي سطح تي ٻنهي ملڪن کي ويجهو اچڻ جي ضرورت آهي.