ڪي پي ٽي ڪرپشن ڪيس: بابر غوري جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

news

 ڪراچي: ڇنڇر 22 سيپٽمبر 2018ع: احتساب عدالت ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي سينيٽر ۽ وفاقي وزير بابر غوري خلاف پوڻا 3 ارب رپين کان وڌيڪ ڪرپشن ڪيس ۾ ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتار وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.

15 سيپٽمبر تي نيب بابر غوري ۽ ٻين 7 جوابدارن خلاف ڪرپشن جي الزام کي جاچ کانپوءِ احتساب عدالت ۾ ريفرنس داخل ڪيو هو. نيب ريفرنس ۾ نامزد ٻين جوابدارن ۾ رئوف اختر فاروقي ۽ ايم ڪيو ايم جو اسيمبلي ميمبر جاويد حنيف به شامل آهن.

نيب ريفرنس ۾ الزام مڙهيو ويو آهي ته جوابدارن 2012 ۾ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ (ڪي پي ٽي) ۾ 940 غيرقانوني ڀرتيون ڪيون. ريفرنس ۾ چيو ويو ته جوابدارن غير قانوني ڀرتين سان قومي خزاني کي 2 ارب 88 ڪروڙ 55 لک 17 هزار 859 رپين جو نقصان پهچايو.

احتساب عدالت ريفرنس جي وڌيڪ ٻڌڻي 17 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.