اتر وزيرستان ۾ آپريشن، نوَ دهشتگرد مارجي ويا، ست اهلڪار شهيد

news

 راولپنڊي: ڇنڇر 22 سيپٽمبر 2018ع: اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو آهي، جنهن ۾ 9 دهشتگرد مارجي ويا آهن، جڏهن ته 7 اهلڪار پڻ شهيد ٿيا آهن.

آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان ۾ آپريشن ڪندي 9 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. ڳجهي اطلاع تي ڪيل ڪارروائي دوران دهشتگردن جي فائرنگ ۾ پاڪ فوج جي ڪيپٽن سميت 7 اهلڪارن شهادت ماڻي.

شهيد ٿيندڙن ۾ ڪيپٽن جنيد، حوالدار عامر، حوالدار عاطف، حوالدار ناصر، حوالدار عبدالرزاق، سپاهي سميع ۽ سپاهي انور شامل آهن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آپريشن کانپوءِ علائقي کي ڪليئر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته دهشتگردن جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي.