ڀارت کي ڌمڪي ڏيڻ کان اڳ سيپٽمبر مهيني جي تاريخ ياد رکڻ گهرجي: شهباز شريف

news

 لاهور: ڇنڇر 22 سيپٽمبر 2018ع: ن ليگي صدر شهباز شريف ڀارتي آرمي چيف جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته بپن راوت کي ڌمڪي ڏيڻ کان اڳ سيپٽمبر مهيني جي تاريخ ياد رکڻ گهرجي ها.

پنهنجي بيان ۾ شهباز شريف جو چوڻ هو ته پاڪستان اسان جي ڌرتي ماءُ آهي، ڪير به غلط فهمي ۾ نه رهي، ڌرتي ماءُ جي عزت، وقار، تحفظ، بچاءَ ۽ سلامتي لاءِ فوج توڙي عوام هڪ آهي. هن چيو ته پاڪ فوج وطن جي بچاءَ لاءِ هر وقت تيار آهي، ڀارتي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين، پاڪ فوج کان پلاند وٺڻ جي ڳالهه ڪندڙ ٻڌي ڇڏين ته هر پاڪستاني فوج جو سپاهي آهي.

شهباز شريف چيو ته ڀارتي غير ذميواري ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ خطي ۾ ترقي جي دشمن آهي، ڀارتي فوج پنهنجي جنگي جنون کي لغام ڏئي، خطي ۾ بدامني نه پکيڙي.