وزيراعظم عمران خان اڄ هڪ ڏينهن جي دوري تي لاهور پهچندو

news

 اسلام آباد: آچر 23 سيپٽمبر 2018ع: وزيراعظم عمران خان اڄ آچر ڏينهن هڪ ڏينهن جي دوري تي لاهور پهچندو. لاهور ۾ رهڻ دوران وزيراعظم سان پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار سان ملاقات ٿيندي.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي ميڊيا ڊپارٽمينٽ پاران جاري پڌرائي موجب صوبائي ڪابينا جا ميمبر پڻ وزيراعظم سان ملاقات ڪندا. ان کانسواءِ وزيراعظم سان صوبائي اسيمبلي ميمبرن ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي مقامي اڳواڻن جي ملاقات پڻ شيڊيول ۾ شامل آهي.