سپريم جڊيشل ڪائونسل جو اجلاس چيف جسٽس جي صدارت هيٺ ٻه آڪٽوبر تي ٿيندو

news

 لاهور: آچر 23 سيپٽمبر 2018ع: سپريم جڊيشل ڪائونسل جو اجلاس 2 آڪٽوبر تي ٿيندو، جنهن جي صدارت چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ڪندو.

اجلاس ۾ هاءِ ڪورٽ جي ستن ججز کي پڪو ڪرڻ، 10 وڪيل هڪ سيشن جج کي هاءِ ڪورٽ جو جج بڻائڻ تي غور جڏهن ته سينيئر جج جسٽس محمد انورالحق کي چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ بڻائڻ جي سفارش به ڪئي ويندي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي ستن ججن جي ڪارڪردگي کي نظر ۾ رکندي پڪو ڪرڻ تي غور ٿيندو، جن ۾ جسٽس مجاهد مستقيم احمد، جسٽس طارق افتخار، جسٽس جواد حسن، جسٽس طارق سليم شيخ، جسٽس مزمل اختر شبير، جسٽس اسجد جاويد گورال ۽ جسٽس چوڌري عبدالعزيز جا نالا شامل آهن.

لاهور هاءِ ڪورٽ جو جج بڻائڻ لاءِ عاصم حفيظ، تفضل رضوي، رسال سيد، اڳوڻو ايڊووڪيٽ جنرل شڪيل الرحمان، انورالحق پنو، شاڪر علي، احمد رضا صادق محمود خرم ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عظمي اختر چغتائي چوڌري وحيد خان ۽ فاروق حيدي جي نالي تي غور ٿيندو.

چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جسٽس محمد ياور علي جي 22 آڪٽوبر تي رٽائرمينٽ سبب سڀ کان سينيئر جج جسٽس محمد انورالحق کي چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ بڻائڻ جي سفارش به ڪئي ويندي. جڊيشل ڪميشن پنهنجون سفارشون ججز پارلياماني ڪميٽي ڏانهن موڪليندو جنهن کان پوءِ قانون واري وزارت پاران باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ٿيندو.