وفاقي حڪومت پاران مڪاني ادارن جو نئون نظام آڻڻ جو فيصلو، ڊرافٽ تيار

news

 لاهور: آچر 23 سيپٽمبر 2018ع: پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت مڪاني ادارن جو نئون نظام آڻڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.

رپورٽن مطابق وفاقي حڪومت پاران مڪاني ادارن جو نئون نظام آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ وفاقي سرڪار نئين مڪاني ادارن جي نظام جو ڊرافت تيار ڪري ڇڏيو آهي. ڊرافٽ موجب پهرين مرحلي ۾ وفاق، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي ضلعن ۾ انتظامي سربراهه ميئر جڏهن ته تعلقي جو سربراهه ڊپٽي ميئر هوندو جنهن جي چونڊ سڌي ڪئي ويندي. نئين نظام تحت پوليس ۽ ضلعي انتظاميا ميئر جي ماتحت هوندي ۽ ضلعي جا مالي اختيار به ميئر وٽ هوندا، ضلعي جي پوليس ۽ انتظامي سربراهه جي ڪارڪردگي رپورٽ لکڻ جو اختيار ميئر وٽ هوندو.

مڪاني ادارن جي نئين تجويز ڪيل نظام تحت پوليس، عدالتي کاتن، صحت ۽ تعليم جي شعبن جا اختيار به ضلعي حڪومتن وٽ هوندا. صوبائي وڏا وزير ۽ وزير نئين مڪاني ادارن جي حڪومتن جي نظام ۾ مداخلت نه ڪري سگهندا ۽ ضلعي حڪومتون مالي طور تي خود مختيار هونديون. ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان جي سربراهيءَ ۾ مڪاني ادارن جي نئين نظام تي اعليٰ سطحي مشاورتي اجلاس لاهور ۾ طلب ڪيو ويو آهي، مشاورت کانپوءِ نون سڌارن جي منظوري ڏيڻ جو امڪان آهي.

ذريعن موجب اتحادين جي هڪ تجويز ناظم ۽ نائب ناظم جي نالي کي برقرار رکڻ جي به آهي. سنڌ ۽ بلوچستان لاءِ نئين مڪاني حڪومتن جي نظام تي مشاورت اڃا نه ٿي آهي، نئون نظام قومي ۽ صوبائي اسيمبلين مان منظور ڪرائڻ جي تجويز ته آهي پر صدارتي آرڊيننس تي به غور آهي.