پاڪ_ڀارت ويڙهه جو سوچڻ به بيوقوفي آهي: فواد چوڌري

news

 اسلام آباد: آچر 23 سيپٽمبر 2018ع: سڌ سماءَ واري وفاقي وزير  فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪستان ڀارت سان سمورن حل طلب مسئلن جي حل لاءِ تيار آهي، ڀارت کي ڳالهين تي واضح فيصلو ڪرڻو پوندو.

ڀارتي اخبار کي ڏنل انٽرويو ۾ فواد چوڌري چيو ته پاڪستان ڀارت سان سمورن حل طلب مسئلن تي ڳالهين لاءِ تيار آهي، ڀارت کي پاڪستان سان ڳالهين تي واضح فيصلو ڪرڻو پوندو جڏهن ته جنگ ۽ دشمني ڪنهن مسئلي جو حل ناهي.

هن چيو ته هڪ رستو جنگ آهي، ٻئي ملڪ ائٽمي طاقت آهن، جنگ بابت سوچڻ به بيوقوفي آهي، جڏهن ته ٻيو رستو ڳالهين جو آهي جتي ويهي مسئلن جو حل ڪڍي سگهجي ٿو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ اصل مسئلو ڪشمير جو آهي، ڀارتي سياستدان پاڪستان مخالف نعرا هڻي چونڊن ۾ فائدو حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. فواد چوڌري چيو ته پاڪستان کي بلوچستان ۾ ڀارتي دهشتگردي تي ڳڻتي آهي، ڪلڀوشن ياديو جي گرفتاري پاڪستان ۾ ڀارتي مداخلت جو ثبوت آهي.

هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت گذريل 70 سالن کان 3 جنگيون وڙهيون ۽ اسان پنهنجا پاڙيسري تبديل ڪري نه سگهياسين، هاڻي ڀارت کي فيصلو ڪرڻو آهي. هن چيو ته ڪشمير ۾ هر شيءَ جو ذميوار پاڪستان کي قرار ڏيڻ صحيح ناهي، ڀارت کي پنهنجيون غلطيون سڌارڻيون پونديون.