امير بخش ڀٽو پي ٽي آءِ سنڌ جو صدر ۽ حليم عادل شيخ سيڪريٽري جنرل مقرر

news

 اسلام آباد: آچر 23 سيپٽمبر 2018ع: پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي قيادت جو اعلان ڪيو ويو آهي، امير بخش ڀٽو سنڌ جو صدر ۽ حليم عادل شيخ سيڪريٽري جنرل هوندا.

رپورٽن مطابق ڊاڪٽر عارف علوي جي صدر چونڊجڻ کانپوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جي قيادت جو اعلان ڪيو ويو آهي. پي ٽي آءِ قيادت امير بخش ڀٽو کي سنڌ جو صدر مقرر ڪيو آهي، جڏهن ته حليم عادل شيخ کي سيڪريٽري جنرل مقرر ڪيو ويو آهي. خرم شير زمان کي ڪراچي ڊويزن جي ذميواري سونپي وئي آهي.