گورنر هائوس پنجاب ۾ ٺهيل ڪاٺ جي پل ٽُٽي پئي، تفريح لاءِ آيل شهري ڍنڍ اندر ڪري پيا

news

 لاهور: آچر 23 سيپٽمبر 2018ع: پنجاب جي گورنر هائوس ۾ ڍنڍ تي ٺهيل ڪاٺ جي پل ٽٽي پئي آهي، جنهن تي بيٺل ڪيترائي شهري ڪري پيا.

رپورٽن مطابق گورنر هائوس لاهور شهرين لاءِ ٻيو ڀيرو کوليو ويو، شهرين جو وڏو انگ تفريح لاءِ گورنر هائوس پهچي ويو. ان دوران شهري ڪاٺ سان ٺهيل ڪمزور پل تي چڙهي ويا، جيڪو بار پل برداشت نه ڪري سگهي ۽ پل ٽٽي پئي، جنهنڪري شهري ڍنڍ ۾ ڪري پيا.

واقعي جو اطلاع ملندي ئي گورنر هائوس انتظاميا ۾ ٿرٿلو پئجي ويو ۽ ڍنڍ طرف ويندڙ رستا بند ڪيا ويا. انتظاميا شهرين کي ڪڍڻ لاءِ امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون.