بهاولپور ڀرسان مسافر ڪوچ ڪلٽي، ٽي ڄڻا فوت، ڏهه زخمي

news

 بهاولپور: آچر 23 سيپٽمبر 2018ع: بهاولپور ڀرسان تيز رفتار مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 مسافر فوت ۽ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

رپورٽن مطابق بهاولپور ڀرسان تيز رفتار مسافر ڪوچ سامهون ايندڙ رڪشا کي بچائيندي ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 مسافر فوت ۽ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا. اطلاع تي امدادي ٽيمن پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي بهاول وڪٽوريا اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.