سياستدان بڻجڻ نٿو چاهيان: عامر خان

news

 ممبئي: آچر 23 سيپٽمبر 2018ع: بالي وڊ مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان جو چوڻ آهي ته سياستدان نٿو بڻجڻ چاهيان.

ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب اداڪار عامر خان جو چوڻ آهي ته هو هڪ تخليقي شخص آهي، سياست بدران فلمن ذريعي بهتر انداز ۾ متاثر ڪري سگهي ٿو.

واضح رهي ته اداڪار گذريل 3 سالن کان مهارا شٽرا ۾ پاڻي جي گهٽتائي واري مسئلي لاءِ پاني فائونڊيشن جي نالي سان ڪم ڪري رهيو آهي.

اداڪار جي ايندڙ فلم ٺگز آف هندوستان آهي، جنهن ۾ هو پهريون ڀيرو ليجنڊ اداڪار اميتاڀ بچن سان گڏ نظر ايندو.