سعودي عرب ۾ اٺ روڊ تي اچڻ سبب ٽي گاڏيون پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون، چار ڄڻا فوت

news

 رياض: آچر 23 سيپٽمبر 2018ع: سعودي عرب جي مقدس شهر مڪه جي شاهراهه تي رولو اٺ سبب سنگين حادثي ۾ 4 ماڻهو اجل جو شڪار ۽ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. حادثو الليث، غيميقه شاهراهه تي پيش آيو.

رپورٽن مطابق حادثي ۾ 3 گاڏيون ٽڪرائجي ويون، حادثو شاهراهه تي ايندڙ اٺ سبب پيش آيو، جنهن ۾ هڪ تيز رفتار گاڏي شاهراهه تي اچڻ سبب اٺ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ماڻهو موقعي تي اجل جو شڪار جڏهن ته 6 زخمي ٿي پيا.

شهري دفاع جي ترجمان جو چوڻ آهي ته زخمي ٿيلن ۾ عورت ۽ ٻار پڻ شامل آهن، جن کي معمولي زخم آيا آهن.