دنيا اندر غذائي کوٽ جي شڪار ماڻهن جو انگ سال ۾ هڪ ڪروڙ ستر لک وڌي ويو

news

 اسلام آباد: آچر 23 سيپٽمبر 2018ع: هڪ سال دوران سڄي دنيا ۾ غذائي کوٽ جو شڪار ماڻهن جي انگ ۾ هڪ ڪروڙ 70 لک ماڻهن جي واڌ ٿي آهي. 2030ع تائين دنيا ۾ غذائي کوٽ جي خاتمي لاءِ جامع قدمن جي ضرورت آهي.

گڏيل قومن جي رپورٽ مطابق 2017ع ۾ دنيا ۾ غذائي کوٽ جو شڪار ماڻهن جو انگ 82 ڪروڙ 10 لک تائين وڌي ويو جڏهن ته 2016ع ۾ عالمي سطح تي غذائي کوٽ جو شڪار ماڻهن جو انگ 80 ڪروڙ 40 لک هو.

اهڙي ريت هڪ سال دوران غذائي کوٽ جو شڪار ماڻهن ۾ هڪ ڪروڙ 70 لک ماڻهن جو اضافو ٿيو اهي، گڏيل قومن جي اداري پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته غذائي کوٽ جي شرح ۾ واڌ جي خاتمي لاءِ جامع قدمن جي ضرورت آهي ته جيئن غذائي تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي.