والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج هٿان وڌيڪ هڪ ڪشميري شهيد

news

 سرينگر: آچر 23 سيپٽمبر 2018ع: والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوجين رياستي دهشتگردي جي تازي ڪارروائي دوران پلواما ضلعي ۾ هڪ نوجوان کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي.

ڪشمير ميڊيا سروس مطابق فوجين نوجوان کي ضلعي جي علائقي ترال ۾ ڊارگنائي گنڊ واري هنڌ گهيراءَ ۽ تلاشي جي ڪارروائي دوران شهيد ڪيو. فوجين علائقي ۾ هڪ رهائشي گهر کي به تباهه ڪري ڇڏيو. آخري اطلاعن تائين علائقي ۾ ڀارتي فوج جو آپريشن جاري هو.