حيدرآباد ۾ قومي عوامي تحريڪ ڪارڪنن پاران ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ واري اعلان خلاف احتجاجي مظاهرو

news

حيدرآباد: آچر 23سيپٽمبر 2018ع:حيدرآباد ۾ قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن ڪالاباغ ڊيم ۽ افغانين، بنگالين ۽ ٻين ڌارين کي شناختي ڪارڊ ۽ شهريت ڏيڻ واري اعلان خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مظاهرين ڪالا باغ ڊيم، افغانين، بنگالين ۽ ٻين ڌرين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي ڊاڪٽر گلزار جماڻي، آغا عباس پٺاڻ، فياض نانگراج ۽ ٻين چيو ته ڪالاباغ ڊيم ٺهيو ته سنڌ کي سڪائي ڀڙڀانگ ڪري ڇڏيندو ۽ پاڻي جو ڦڙو به نه ملندو ۽ ڪالاباغ ڊيم جي پاڻي سان پنجاب جي ريگستان کي آباد ڪيو ويندو، ڪالاباغ ڊيم سنڌ ۽ ملڪ جي تباهي جو منصوبو آهي، جنهن کي هرگز ٺاهڻ نه ڏنو ويندو.

هنن چيو ته سنڌ ۾ لکين غير قانوني پرڏيهي رهن ٿا، بنگالي، افغاني، برمي، بهاري ۽ ٻين غيرقانوني پرڏيهين کي واپس پنهنجي ملڪ ڏانهن موڪليو وڃي. هنن چيو ته هنن کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ سان سنڌي ماڻهو اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا.

هنن مطالبو ڪيو ته سنڌو درياءَ تي ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ واري منصوبي کي رد ڪيو وڃي ۽ سنڌ ۾ رهندڙ لکين غير قانوني ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ بدران سندن ملڪن ڏانهن موڪليو وڃي ۽ اهڙا اعلان واپس وٺي سنڌ خلاف سازشون بند ڪيو وڃن.01