حيدرآباد ۾ عوامي رابطا تحريڪ پاران ڌارين جي آبادڪاري خلاف احتجاجي مظاهرو

news

حيدرآباد: آچر 23سيپٽمبر 2018ع:عوامي رابطا تحريڪ حيدرآباد پاران ڪالاباغ ڊيم سميت سنڌو درياءَ تي ڊيمن، ۽ ڌارين جي آبادڪاري خلاف مرڪزي صدر غلام سرور پليجو، جنرل سيڪريٽري امجد پليجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب حيدرآباد سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو، هو ڪالاباغ ڊيم ۽ ڌارين جي آبادڪاري خلاف نعريبازي ڪري رهيا هئا.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌو تي ڪو به ڊيم ٺاهڻ عالمي قانون جي خلاف ورزي آهي، 1919 ۾ ايريگيشن ڪاميٽي ۽ 1919 ايڪٽ ڪاٽن ڪاميٽي پاران رد ڪيل ٿل ڪينال 1939 راءِ ڪميشن جي اڳوڻي جسٽس جي اين راءِ جي فيصلي جي به خلاف ورزي ڪئي وئي.

هنن چيو ته سنڌو درياءَ تي ڪالاباغ ڊيم سميت ٻين سمورن ڊيمن کي سنڌي عوام ۽ عوامي رابطا تحريڪ ڪڏهن به قبول نه ڪندي.

هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ مان غير ملڪين لوڌ افغانين، برمين، بنگالين ۽ بهارين سميت سڀني ڌارين کي سنڌ مان نيڪالي ڏئي سنڌ جي معيشت تان بار هٽايو وڃي.01