ڀارت ڌمڪيون نه ڏئي، پوري قوم مقابلي لاءِ تيار آهي: عمران خان

news

 لاهور: آچر 23 سيپٽمبر 2018ع: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جي ايجنڊا پاڪستان جي ايجنڊا آهي، ملڪ مشڪل دور مان گذري رهيو آهي، پاڪستان کي واپاري ۽ مالياتي خسارو درپيش آهي جڏهن ته ملڪ جا وڏا ادارا به خساري ۾ وڃي رهيا آهن، قومن تي مشڪل وقت ايندو رهندو آهي پر اهو ئي ملڪ ترقي ڪندو آهي جتي حڪومت جو نظام بهتر هجي، ڪنهن به ملڪ جي ترقي لاءِ حڪومتي نظام جو بهتر هجڻ ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور ۾ سرڪاري ملازمن کي خطاب ڪندي ڪيو.

هن سنگاپور ۽ سوئيٽزرلينڊ جو مثال ڏيندي چيو ته انهن ملڪن گورننس جي معيار جي بهتري سان ترقي ڪئي. وزيراعظم صوبائي بيوروڪريسي کي هدايت ڪئي ته اهي پنهنجا دروازا عام ماڻهن لاءِ کولين ته جيئن انهن جا مسئلا حل ٿي سگهن. هن پوليس جي ضلعي سربراهن کي هدايت ڪئي ته ٿاڻن جي باقاعده مانيٽرنگ ڪئي وڃي ته جيئن غريب ماڻهو تي ٿيندڙ ظلم ختم ٿي سگهي ۽ انهن کي انصاف ملي. وزيراعظم چيو ته اڄ جي اجلاس جو ڪو سياسي مقصد نه آهي ۽ نه ئي منهنجي ڪا ذاتي ايجنڊا آهي پر ان جو مقصد رڳو پاڪستان آهي ۽ ان جي ايجنڊا به پاڪستان آهي.

هن چيو ته اڄ جتي اسان جو ملڪ بيٺل آهي ۽ جنهن مشڪل دور مان گذري رهيو آهي ان جو مثال ملڪ جي تاريخ ۾ نه ٿو ملي، مالي طور تي سخت مشڪلاتون درپيش آهن، اسان جو واپاري خسارو رڪارڊ حد تائين وڌي ويو آهي، ملڪ جي قرضن جي حوالي سان ڪاٿو 28 هزار ارب رپيا هو جڏهن ته اسان جو قرض 30 هزار ارب رپين تائين پهچي ويو آهي، ان کانسواءِ پاور سيڪٽر ۾ 1200 ارب رپين جو قرض آهي جڏهن ته گئس سيڪٽر ۾ جتي ڪڏهن خسارو نه ٿيندو هو، هاڻي 125 ارب رپين جو قرض آهي، اهڙي طرح پي آءِ اي، اسٽيل ملز سميت ٻين سرڪاري ادارن تي قرضن جو بار آهي.

وزيراعظم چيو ته عالمي مصالحتي عدالت ۾ پاڪستان جا ڪيسز هارڻ جي ڪري اسان تي هڪ هزار ارب رپين جو قرض آهي. هن چيو ته قومن تي مشڪل وقت ايندو رهندو آهي پر توهان کي ان ڳالهه جو ادراڪ هجڻ گهرجي ته ان مشڪل وقت مان نڪرڻ ۾ توهان جو ڪردار تمام اهم هوندو. هن چيو ته جيڪو به ملڪ ترقي ڪري ٿو اهو گورننس جي بهتري سبب ڪري ٿو، سوئيٽزرلينڊ دنيا جو خوشحال ترين خطو آهي جتي ڪي وسيلا نه آهن جڏهن ته اسان جا اتريان علائقا ان کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ خوبصورت آهن. اهڙي طرح سنگاپور جي ترقي جو مثال ڏيندي هن چيو ته سنگاپور به گورننس جي بهتري جي ڪري ترقي ڪئي آهي جڏهن ته اسان جو مسئلو سدائين گورننس رهيو آهي.

وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ جيڪا به سياسي يا فوجي قيادت رهي آهي ان گورننس کي سياست جي ور چاڙهيو، پاڪستان ۾ قانونن ۾ رعايت جو مقصد قتلام آهي، ان سان ادارا ختم ٿي وڃن ٿا. شوڪت خانم اسپتال جو حوالو ڏيندي وزيراعظم چيو ته شوڪت خانم عالمي سطح تي مڃيل ادارو آهي جنهن جو بنيادي سبب اهو آهي ته اتي ڪڏهن به ميرٽ جي خلاف ورزي نه ڪئي وئي ۽ نه ئي قانونن ۾ رعايت ڪئي وئي، اهو ئي سبب آهي جو اداري ترقي ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ به اهڙي طرح گورننس کي بهتر ڪيو ويندو. خيبرپختونخواهه جي پوليس جو حوالو ڏيندي هن چيو ته اسان اڳوڻي آءِ جي ناصر خان دراني کي اختيار ڏنا، جنهن پوليس جو نظام صحيح ڪيو، حڪومت تي سياسي دباءُ هو پر اسان اهو سياسي دٻاءُ برداشت ڪري پوليس جي نظام ۾ سياسي مداخلت ختم ڪئي، ميرٽ متعارف ڪرايو ۽ 5 هزار کان وڌيڪ ڪرپٽ پوليس اهلڪارن کي برطرف ڪيو جنهن کانپوءِ پوليس جي نظام ۾ نمايان تبديلي آئي آهي ۽ هاڻي اتان جي عوام پوليس سان گڏ بيٺل آهي جنهن جو مطلب آهي ته پوليس ٺيڪ ٿي وئي آهي.

هن چيو ته جڏهن عوام پوليس جي عزت ڪرڻ شروع ڪري ته اهو مثالي هوندو آهي جنهن جو سبب غيرسياسي هجڻ آهي. هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ دهشتگردي جي ڪري پوليس تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون جڏهن ته اتي ڏوهن جي شرح پڻ وڌيڪ هئي جنهن ۾ نمايان حد تائين گهٽتائي آندي وئي آهي. هن چيو ته ڪي پي ڪي ماڊل وانگر ملڪ جي پوليس جو نظام صحيح ڪيو ويندو. اعليٰ سرڪاري آفيسرن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ڪا به سياسي حڪومت توهان کي ايترو موقعو نه ڏيندي جو توهان آزاداڻي طور تي ڪم ڪري سگهو، توهان تي ڪو سياسي دٻاءُ نه هوندو.

هن چيو ته حافظ آباد ۾ 14 – 2013ع جي ضمني چونڊن ۾ ايس پي ووٽ گهري ٿو جيڪو انتظاميا جو سياسي هجڻ جو ثبوت آهي پر جڏهن انتظاميا سياسي ٿي وڃي ته ان جي ڪارڪردگي ختم ٿي وڃي ٿي ۽ ان تان عوام جو اعتماد کڄي وڃي ٿو. وزيراعظم چيو ته توهان کي اڄ ان لاءِ دعوت ڏني وئي آهي ته توهان کي ٻڌائي سگهجي ته پي ٽي آءِ وانگر ڪا به سياسي حڪومت اهڙي نه ملندي جيڪا توهان تي دٻاءُ نه وجهي، توهان ان مان فائدو کڻو.  حڪومت توهان کي فرضن جي ادائيگي جو پورو موقعو ڏيندي. هن چيو ته 1960ع جي ڏهاڪي ۾ اسان جي بيوروڪريسي کي سڀ مڃندا هئا ۽ ان جي عزت ڪندا هئا جڏهن ته سياسي مداخلت هجڻ ۽ ميرٽ نه هجڻ جي ڪري ان جي اها حالت ٿي وئي آهي. هن چيو ته اسان تبديلي چاهيون ٿا ۽ توهان حڪومت جي مدد ڪريو.

وزيراعظم چيو ته توهان کي اٿارٽي ڏني پئي وڃي ان سان توهان تي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي. هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ٻه بيوروڪريٽس ۽ هڪ پوليس  آفيسر عوام ۾ هليا ويا جيڪو صحيح نه آهي. هن چيو ته ائين رڳو سياسي بيوروڪريسي ڪري ٿي، مستقبل ۾ اسان کي ڪمانڊ آف چين تي عملدرآمد ذريعي صحيح طريقيڪار اختيار ڪرڻو پوندو، اهڙي قسم جا ڪم رڳو سياسي بيوروڪريسي ڪري ٿي. هن چيو ته مستقبل ۾ ڪنهن سياسي ايجنڊا تي ڪم ڪندڙ سان ڪا رعايت نه ڪئي ويندي، حڪومت توهان کي غيرسياسي ٿيڻ جو موقعو ڏئي رهي آهي جڏهن ته خلاف ورزي تي ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته مون سياسي قيادت کي به هدايت ڪئي آهي ته گورننس جا مسئلا چين آف ڪمانڊ ذريعي ئي حل ڪن ۽ اسان اهو ڪم خيبرپختونخواهه جي ماڊل وانگر ڪري ڏيکارينداسين.

هن چيو ته گذريل 5 سالن دوران سڄي ميڊيا چوندي رهي ته نئون خيبرپختونخواهه ڪٿي آهي، اسان پنهنجي تشهير جي لاءِ اشتهار نه ڏنا جڏهن ته اسان جي مخالفن 51 ارب رپين جا اشتهار ڏنا، اسان 1.5 ارب رپين جا اشتهار به نه ڏنا. هن چيو ته ماضي جي روايت رهي آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ سدائين نئين سياسي پارٽي حڪومت ٺاهي آهي پر هن ڀيري عوام اسان کي اڳ کان وڌيڪ مينڊيٽ ڏئي ثابت ڪيو ته خيبرپختونخواهه ۾ تبديلي اچي وئي آهي ۽ ماڻهن جي زندگي بهتر ٿي آهي. هن چيو ته اسان هن ڀيري توهان کي خيبرپختونخواهه وانگر پورو موقعو ڏينداسين، ڪم ڪرڻ جي آزادي هوندي، توهان تي ڪو پريشر نه هوندو. هن بيوروڪريسي کي هدايت ڪئي ته نئين سوچ ئي نئون پاڪستان آهي. وزيراعظم چيو ته اسان انگريزن کان آزادي ته حاصل ڪري ورتي پر جمهوريت طرف نه وڌي سگهياسين.

هن چيو ته انگريز جي حڪومت کي عوام پنهنجي حڪومت نه سمجهندي هئي جنهن جي ڪري اهي ٽيڪس چوري ۽ ڪرپشن ڪندا هئا. هن چيو ته عوام کي پاڻي جهڙي بنيادي سهولت دستياب نه آهي پر گورنر هائوسز ۾ هڪ هڪ ماڻهو وڏن خرچن تي رهائش پذير هو، آزادي کانپوءِ نه ته اسان سادگي جو سوچيو ۽ نه ئي بچت ڪئي. وزيراعظم چيو ته برطانيا جو جي ڊي پي 50 مسلمان ملڪن جي برابر آهي پر ان جا ليڊر سادي زندگي گذارين ٿا پر اسان هڪ مقروض ملڪ ۾ شاهاڻي زندگي گذاريون ٿا. هن چيو ته اسان جو ضمير اهو ڪيئن گواره ڪري ٿو ته هڪ ماڻهو تي ايترو وڌيڪ خرچ ڪيو وڃي، اسان جي حڪومتن به انگريزن جي روايتن کي برقرار رکيو، جنهن جي ڪري تبديلي نه اچي سگهي.

وزيراعظم چيو ته ضلعي سطح تي غريب ماڻهو ڌڪا کائيندو پيو آهي ۽ ان جي مسئلن جي حل لاءِ ٿاڻي جي سطح تي تبديلي آڻڻ جي ضرورت آهي. هن بيوروڪريسي کي هدايت ڪئي ته توهان ميرٽ تي هلو، عوام سان انصاف ڪريو، ضلعي انتظاميا غريب ماڻهو جي لاءِ پنهنجا دروازا کولي رکي ۽ انهن جي مسئلن جي خاتمي لاءِ کليل ڪچهري لڳائي وڃي. هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ انتظاميا جي قدمن سان ماڻهن جي زندگي ۾ نمايان بهتري آئي، ان لاءِ ضروري آهي ته توهان به غريب عوام لاءِ پنهنجا دروازا کليل رکو ۽ ڪمزور ماڻهو کي تحفظ ڏيو. هن چيو ته پنجاب ۾ اها روايت آهي ته هڪ ضلعي ۾ ٻه  ٽي ماڻهو ٿاڻي سان گڏجي عام ماڻهو تي ظلم ڪن ٿا، توهان عام ماڻهو کي تحفظ ڏيو ۽ ان جي مدد ڪريو.

هن چيو ته حڪومت نظام جي مانِيٽرنگ لاءِ نئون سسٽم متعارف ڪرائي رهي آهي، وزيراعظم هائوس ۾ شڪايت سيل قائم ڪيو ويندو جڏهن ته وڏن وزيرن کي پڻ هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي به شڪايت سيل قائم ڪن ته جيئن حڪومت عام ماڻهو جي مسئلن جي خاتمي لاءِ ڪم ڪري سگهي. هن چيو ته عام ماڻهو جي زندگي جي بهتري سڀ کان اهم آهي، ان لاءِ پوليس عملدار ٿاڻن جي باقاعده مانيٽرنگ ڪن. هن هدايت ڪئي ته ٿاڻن جي سطح تي مسلسل نگراني ڪئي وڃي ته جيئن عام ماڻهو سان ظلم نه ٿئي ۽ ڪو به طاقتور ڪنهن تي به ظلم نه ڪري سگهي. هن چيو ته ملڪ جي لاءِ مشڪل دور آهي پر جيڪڏهن گورننس ٺيڪ ٿيندي ته ترقي ٿيندي. سعودي عرب جي دوري جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته اسان پنڻ نه ويا هئاسين پر اسان سيڙپڪاري جي لاءِ انهن کي راضي ڪيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان ۾ گورننس بهتر ٿيندي ته هتي وڏي سيڙپڪاري ٿيندي ڇو ته اسان جي جاگرافيائي پوزيشن تمام اهم آهي. هن ڀارت جي قيادت جي تڪبر جي خاتمي جي اميد ڪندي چيو ته اسان سمجهون ٿا ته پاڙيسري ملڪن جي گڏيل لاڳاپن جي بهتري سان ننڍي کنڊ مان غربت گهٽ ٿيندي ۽ ترقي ٿيندي.

هن چيو ته اسان جي عوام ڪنهن به سپر پاور جو دٻاءُ قبول نه ڪندي پر ڄمي مقابلو ڪري پر جيڪڏهن اسان دوستي جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ان ۾ ٻنهي ملڪن جي لاءِ بهتري آهي. هن چيو ته اسان جو ملڪ خطي ۾ ان جڳهه تي آهي جتي جيڪڏهن گورننس بهتر هجي ته سيڙپڪاري ذريعي سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني جيڪڏهن پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن ته به اسان جو ملڪ ترقي ڪري سگهي ٿو پر اهو سڀ ڪجهه گورننس جي بهتري سان ٿيندو جنهن جي لاءِ ملڪ ۽ قوم کي توهان جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومتون رڳو پاليسيون ٺاهينديون آهن جڏهن ته انهن تي عملدرآمد ڪرائڻ توهان جو ڪم آهي. هن چيو ته 1960ع جي ڏهاڪي ۾ اسان جو ملڪ ايشيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ترقي ڪري رهيو هو جنهن جا مثال ڏيندا ويندا هئا.

هن چيو ته اسان جي آڏو سنگاپور ۽ ملائيشيا جا مثال موجود آهن جن ترقي ڪئي، اها ترقي گورننس جي بهتري سان ممڪن ٿي سگهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت بيوروڪريسي جي مدد سان پاڪستان جو نظام ٺيڪ ڪندي ۽ خوشحالي آڻيندي، توهان ان موقعي تي فائدو کڻو ڇو ته توهان کي اهڙي حڪومت نه ملندي جيڪا سياسي دٻاءُ نه وجهي، پي ٽي آءِ جي حڪومت پهرين حڪومت آهي جيڪا چئي رهي آهي ته ادارن کي سياسي دٻاءُ کان آزاد ڪيو ويندو. هن چيو ته اسان خيبرپختونخواهه وانگر پنجاب ۾ به سياسي مداخلت ختم ڪنداسين. وزيراعظم بيوروڪريسي تي زور ڏنو ته ملڪ جي لاءِ توهان جي ضرورت آهي نه ڪي ڪنهن جي  ذات لاءِ.

هن چيو ته توهان ملڪ کي جيترو مضبوط بڻائيندا حڪومت به توهان کي ايترو ئي تحفظ ۽ مراعتون ڏيندي. هن چيو ته اسان کي خبر آهي ته ملازمن جون پگهارون گهٽ آهن جنهن مان انهن جو گذارو مشڪل آهي ۽ انهن کي قابليت موجب پگهارون نه ملي رهيون آهن. وزيراعظم چيو ته هن وقت ملڪ تي مشڪل دور آهي پر جڏهن ملڪ تي سٺو وقت ايندو ته ملازمن کي به اهي پگهارون ۽ سهولتون ملنديون جن جا هو حقدار آهن.