واهي پانڌي ۾ گيسٽرو وگهي ٽي معصوم ٻارڙيون فوت

news

واهي پانڌي:آچر 23سيپٽمبر 2018ع: واهي پانڌي ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو وبائي صورت اختيار ڪري وئي آھي، مليل ڄاڻ موجب واهي پانڌي ويجهو اسٽون ڪريشر ڀرسان گهر پنهنجا ۾ رهندڙ رمضان بروهي جون ٻه معصوم ٻارڙيون 5 سالن جي نور بيبي ۽ ٽن سالن جي خانزادي گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويون آھن، جڏھن ته ساڳي ئي ڳوٺ ۾ معصوم نينگري سميران ڌيءَ قادر بخش بروهي پڻ فوت ٿي وئي آھي.

ٻئي پاسي ڳوٺ مان هڪ ئي ڏينهن ۾ ٽي معصوم نياڻين جا جنازا کڄڻ تي ڳوٺ ۾ ڪهرام مچي ويو، ٽن معصومن جي فوتگي تي هر اک آلي ٿي وئي، جڏهن ته ڳوٺ جي هڪ ئي ڪٽنب جون 10 کان وڌيڪ معصوم  ٻارڙيون گيسٽرو ۾ مبتلا هجڻ ڪري زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آھن.

صحت کاتي دادو سميت ڊپٽي ڪمشنر دادو ۽ ڪنهن به اعليٰ آفيسرن نوٽيس نه ورتو آھي، جڏهن ته گيسٽرو ۾ مبتلا ٻارڙن جي والدين اپيل ڪئي آهي ته اعليٰ اختياريون نوٽيس وٺي گيسٽرو تي ضابطو آڻڻ لاءِ صحت کاتي جون ٽيمون موڪليون وڃن.01