وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اينٽي ڪرپشن پنجاب جي ڊائريڪٽرن جو اجلاس

news

 لاهور: آچر 23 سيپٽمبر 2018ع: وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ اينٽي ڪرپشن کاتي پنجاب جي ڊائريڪٽرن جو اجلاس ٿيو.

اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ملڪ جي موجوده معاشي صورتحال جو وڏو سبب ڪرپشن آهي، حڪومتي ادارن ۾ بدعنواني، رشوت خوري ۽ ٻين بدانتظامين جي ڪري اڄ عوام جو اعتماد ختم ٿي چڪو آهي ۽ ان اعتماد جي بحالي اسان جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته ڪرپشن خلاف بنا ڪنهن فرق جي ايڪشن ورتو وڃي ۽ ڪرپٽ عنصرن جي نشاندهي ڪئي وڃي.

هن چيو ته ماضي ۾ ڪجهه منصوبن جو مقصد عوام جي بهتري نه پر ڪڪ بيڪس هو جن جي ڪري ملڪ کي قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسايو ويو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اينٽي ڪرپشن ڊپارٽمينٽ کي پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏيڻو پوندو ۽ چيو ته ڪرپشن جي خلاف ڪريڪ ڊائون ۾ حڪومت هر قسم جو تعاون فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته پراسيڪيوشن کي بهتر بڻائڻ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي.