نواز شريف وٽ مودي پاڻ هلي آيو، ڀارت عمران خان جي دعوت تي به ڳالهين لاءِ تيار ناهي: شاهد خاقان عباسي

news

 اسلام آباد: آچر 23 سيپٽمبر 2018ع: اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته قيادت جو فرق ظاهر ٿي ويو آهي. نواز شريف ڏانهن مودي پاڻ هلي آيو پر عمران خان جي دعوت تي ملڻ لاءِ تيار ناهي.

هڪ بيان ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ کي عمران خان ۽ سندس ٽيم جي ڪمزور حڪمت عملي ڪوٺيندي چيو ته موجوده صورتحال مان پاڪستان ۾ قيادت جو فرق ظاهر ٿي ويو آهي. شاهد خاقان عباسي چيو ته اسان ڀارت سان لاڳاپا برابري جي سطح تي چاهيون ٿا.

هن ضمني چونڊ جي حوالي سان چيو ته سموري قوم چئي رهي آهي ته قومي چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي پر هاڻي کيس اميد آهي ته هو لاهور جي تڪ اين اي 224 مان ضرور ڪامياب ٿيندو.