شهدادڪوٽ ۾ عطائي ڊاڪٽر پاران غلط انجيڪشن لڳائڻ سبب نينگري فوت

news

شهدادڪوٽ: آچر 23سيپٽمبر 2018ع:شهدادڪوٽ جي خانگي اسپتال ۾ عطائي  ڊاڪٽر پاران غلط انجيڪشن لڳائڻ ڪري 10 ورهين جي نينگري فوت، وارثن جي فرياد تي پوليس ڊاڪٽر کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو.

شهر جي عطائي ڊاڪٽر عامر علي سُرهيو جي اسپتال ۾ بخار ۾ مبتلا تعلقي ميروخان جي ڳوٺ اشرف مستوئي جي رهواسڻ 10 ورهين جي نينگري شڪيلا لانڍر غلط انجيڪشن لڳڻ ڪري فوت ٿي وئي، جنهن بعد نينگري شڪيلا جو لاش وارث چنگچي ۾ کڻائي شهر جي (اي) سيڪشن ٿاڻي پهتا.

جتي هنن ڊاڪٽرن مٿان غفلت جو الزام هڻندي چيو ته نينگري کي معمولي بخار هو، جنهن کي ڊاڪٽر غلط انجيڪشن هنئي، جنهن سبب نينگري ٿڏي تي فوت ٿي وئي.

هوڏانهن وارثن جي فرياد تي پوليس ڊاڪٽر عامر سرهيو کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي ۽  فوتي نينگريءَ جي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.01