انٽرپول هڪ سئو پندرهن پاڪستانين کي گهربل قرار ڏئي ڇڏيو، ٻه دهشتگرد به شامل

news

 لنڊن: آچر 23 سيپٽمبر 2018ع: انٽرپول 115 پاڪستانين کي گهربل قرار ڏئي ڇڏيو جنهن ۾ ٻه دهشتگرد به شامل آهن.

ميڊيا رپورٽس موجب ڏوهن کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ جوڙيل عالمي تنظيم انٽرپول گهربل ماڻهن جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. تيار ڪيل لسٽ ۾ چار پاڪستاني ڦورو، ٽي اغوا ڪندڙ به شامل آهن.

هڪ سئو کان وڌيڪ پاڪستاني قتل جي ڏوهه ۾ گهربل آهن ڪافي گهربل ماڻهن جو انگ پنجاب صوبي سان آهي. دهشتگردي ڪيس ۾ گهربل دهشتگردن جا نالا علي حامد ۽ ابو زر سيد عبدالله آهن.