پي سي بي آسٽريليا خلاف سائيڊ مئچ لاءِ چوڏهن ميمبرن تي ٻڌل اي ٽيم کي آخري شڪل ڏئي ڇڏي

news

 لاهور: آچر 23 سيپٽمبر 2018ع: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آسٽريليا خلاف عرب امارتن ۾ ٿيندڙ چئن ڏينهن واري سائيڊ مئچ لاءِ 14 رانديگرن تي ٻڌل اي ٽيم کي آخري شڪل ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته پي سي بي پاران رانديگرن جي نالن جو اعلان سڀاڻي سومر تي ٿيڻ جو امڪان آهي. اسد شفيق اي ٽيم جي اڳواڻي ڪندو.

ذريعن موجب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آسٽريليا جي خلاف عرب امارتن ۾ ٿيندڙ چئن ڏينهن واري سائيڊ مئچ لاءِ 14 رانديگرن تي ٻڌل اي ٽيم کي آخري شڪل ڏئي ڇڏي آهي. جنهن ۾ اسد شفيق ڪپتان سمي اسلم، سعد شڪيل، عثمان صلاح الدين، سعد علي، افتخار احمد، آغا سلمان، محمد رضوان، عامر يامين، وهاب رياض، راحت علي، اميد آصف، سعود شڪيل ۽ وقاص مقصود شامل آهن جڏهن ته پي سي بي پاران رانديگرن جو اعلان سومر تي ٿيڻ جو امڪان آهي سمورن رانديگرن کي نيشنل اڪيڊمي ۾ رپورٽ ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي.