ڄامشورو ٽائون ڪميٽي مان صفائي عملو برطرف، من پسند مقرر، شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سڌارو نه آيو

news

 ڄامشورو: آچر 23 سيپٽمبر 2018ع: تعليمي درسگاهن وارو شھر ڄامشورو گندگي جو ڍير بڻجي ويو آهي، ٽائون چيئرمين جي معطلي کانپوءِ چارج ڊي سي حوالي هجڻ کانپوءِ به شھر جي حالت  نه سڌري سگهي آهي، ٽائون ڪاميٽي جي سمورن وارڊن جا روڊ، رستا ۽ گهٽيون گندي پاڻي سان ڀرجي ويون آهن، جڏهن ته صفائي نه ٿيڻ ڪري ڊرينيج جو گندو پاڻي ماڻهن جي گهرن ۾ داخل ٿيڻ جي ڪري شھري عذاب هيٺ اچي ويا آهن.

ڄامشورو جو مين پرائمري اسڪول ۽ هڪ مسجد به گندي پاڻي جي گهيري ۾ آهن، جتي گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل آهي. غريب آباد، بابري مسجد جو مک رستو پاڻي ۾ ٻڏل هجڻ جي ڪري شھرين عورتن توڙي مسجد جي نمازين، اسڪول ويندڙ معصوم ٻارڙن کي اچ وڃ ۾ سخت مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن ۽  شھري  مجبورن گٽرن جي گندي پاڻي مان گذرڻ تي مجبور آهن. تازو چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ پ پ پ اميدوارن به شھرين جي مالڪي نه ڪئي. ٽائون ڄامشورو جو عوام پريشان ۾ مبتلا هجڻ ڪري رڳو دانهون ڪرڻ ۾ مصروف آهي. شهرين پاران ڪيترائي ڀيرا احتجاج پڻ ڪيا ويا آهن پر ڊي سي ڄامشورو پاران ڪوبه نوٽيس ناهي ورتو ويو. شهرين شھر ۾ گندگي، صفائي سٿرائي نه ٿيڻ خلاف ڳڻتي جو اظھار ڪندي ذميوار ڊي سي ڄامشورو ۽ پ پ پ جي چونڊيل نمائندن کي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. چونڊيل نمائندا ۽ ڊي سي ڄامشورو ڪو به ٻوٽو نه ٻاري سگهيا آهن.

ڄامشورو واسين صحافين کي ٻڌايو ته شهر کي سياست جي ور چاڙھيو ويو آھي، ڊي سي ڄامشورو فريد الدين مصطفي پاران ٽائون ڪاميٽي جو سڄو ڪاروهنوار هڪ من پسند ڪائونسلر بلال شورو جي حوالي ڪري من پسند ماڻھن جي گهٽين جي صفائي ڪرائي پئي وڃي، جيڪا ڄامشورو واسين سان سراسر زيادتي آهي. هنن چيو ته هڪ ته ڊي سي ڄامشورو ٽائون ڪاميٽي جي 65 صفائي عملي کي اهو چئي نوڪرين مان برطرف ڪيو ته واٽر ڪميشن جي چيئرمين جي حڪم تي انهن کي ڪڍيو ويو آهي پر ڊي سي ڄامشورو ٽائون جي ڪائونسلر بلاول شورو جي مدد سان 25 نوان صفائي عملي جا ماڻهو ڀرتي ڪري من پسند علائقن ۾ صفائي جو ڪم ڪرائي رهيا آهن ۽ انهن صفائي عملي جي ماڻهن کي 6 هزار روپيا ايڊوانس ۽ 3 سئو روپيا خرچي طور ڏنا ويا آهن. هنن چيو ته معلوم ٿيو آهي ته اڳ ۾ ڪم ڪندڙ صفائي عملي جي 65 ماڻهن جون پگهارون به نه ڏنيون ويون آهن  ۽ 65 ماڻهن جي  پگهارن جي ٽوٽل حساب ڪجي ته 12 هزار رپين جي حساب سان 780000  ٿين ٿا ۽ هاڻي وري اهو ٺيڪو من پسند  ڪائونسلر بلاول شورو کي ڏنو ويو آهي.

ڄامشورو شهري ايڪشن ڪاميٽي چيئرمين فقير حق نواز برهماڻي ۽ ٻين چيو ته ڄامشورو شھر کي ڪنهن جي رحم ڪرم تي نه ڇڏيو ويندو، سڀاڻي اجلاس گهرائي ان سمورن مسئلن بابت غور ويچار ڪري تحريڪ جو اعلان ڪيو ويندو.  ياد رهي ته ڄامشورو ٽائون ڪاميٽي جي 65 صفائي عملي پاران مسلسل ڪافي ڏينهن لڳاتار احتجاج ڪيو ويو ته سندن پگهار ڏني وڃي پر کين پگهار نه ڏني وئي ۽ ڊي سي پاران سمورن صفائي عملي کي نوڪرين مان نيڪالي ڏني وئي، جنهڪري ٽائون ڪاميٽي جي 10 ئي وارڊن ۾ صفائي نه هجڻ جي ڪري گندگي جا ڍير لڳل آهن.