ٽنڊو محمد خان ۾ عورتن پاران پوليس جي ظلم خلاف احتجاجي مظاهرو

news

ٽنڊو محمد خان: آچر 23سيپٽمبر 2018ع:ٽنڊو محمد خان جي پيپلز ڪالوني جي رهواسي عورتن پاران پوليس جي نوجوان يونس ڀٽي جي گهر مان ڪيل گرفتاري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. احتجاجي مظاهري دوران پيرسن عورت مسمات نصيبان ڀٽي، مسمات نازيه ڀٽي ۽ ٻين دانهيندي ٻڌايو ته پوليس اسان جي نوجوان يونس ڀٽي کي بنا ڪنهن جواز سندس پيپلزڪالوني واري گهر مان چڙهائي ڪري گهر جي چار ديواري جو تقدس پائمال ڪندي ڦرلٽ ۽ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ کانپوءِ گرفتار ڪيو آهي.

جنهن ۾ لکين رپين جا سونا زيور ۽ قيمتي سامان پوليس پاڻ سان گڏ کڻي وئي آهي. پوليس نوجوان تي وحشياڻو تشدد ڪيو آهي. جنهن ۾ سندس خلاف چرس برآمد ڪرڻ جو من گهڙت ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي. اسان جي نوجوان تي ٽنڊو محمد خان سميت ڪنهن به ٿاڻي تي منشيات ۽ ڏوهن جو ڪوبه ڪيس داخل ٿيل نه آهي.

هن جو منشيات ۽ ڏوهن سان ماضي حال ۾ ڪوبه تعلق نه رهيو آهي. پوليس جي داخل ڪرايل ڪوڙي ايف آءِ آر جو اعليٰ اختيارين کي نوٽيس وٺڻ گهرجي. جنهن ۾ ڪوبه ڏوهه ثابت ٿيو ته اسان ان جا ذميوار آهيون. داخل ڪرايل ڪوڙي ايف آءِ آر فوري طور واپس ورتي وڃي.

ٻي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو. هوڏانهن عورتن چيف جسٽس آف پاڪستان کي ٽنڊو محمد خان پوليس جي ناانصافين بابت پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪندي انصاف جي گهر ڪئي آهي.01