خيبر ايجنسي ڀرسان مٽيءَ جي ڇپ ڪرڻ سبب ماءُ ٽن ڌيئرن سوڌو فوت

news

 خيبر ايجنسي: سومر 24 سيپٽمبر 2018ع: خيبر ايجنسي ۾ مٽيءَ جي ڇپ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 4 عورتون فوت ٿي ويون آهن.

رپورٽن مطابق خيبر ايجنسي جي علائقي لنڊي ڪوتل مختار خيل ۾ مٽيءَ جي ڇپ ڪرڻ وارو واقعو پيش آيو آهي، جنهن جي نتيجي ماءُ پنهنجي ٽن ڌيئن سميت فوت ٿي وئي آهي. مقامي ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت فوتي عورتن جا لاش ڪڍرائي اسپتال منتقل ڪيا.