ايشيا ڪپ: بنگلاديش افغانستان کي ٽن رنسن تان هارائي ڇڏيو

news

 ابوظهبي: سومر 24 سيپٽمبر 2018ع: ايشيا ڪپ سپر فور مرحلي جي مئچ ۾ سخت مقابلي کانپوءِ بنگلاديش افغانستان کي ٽن رنسن تان هارائي ڇڏيو آهي.

ابوظهبي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندڙ مئچ ۾ بنگلاديش افغانستان خلاف ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر 50 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 249 رنسون ٺاهيون. ڏنل هدف کانپوءِ افغانستان جي حشمت الله شاهدي 71 رنسون، اصغر افغان ۽ محمد نبي 39 ۽ 38 رنسون ٺاهيون پر پنهنجي ٽيم کي ڪامياب ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيا.

آخري اوور ۾ افغانستان کي 8 رنسن جي ضرورت هئي پر هو رڳي 4 رنسون ئي ٺاهي سگهيا. افغانستان جو ايندڙ مئچ ڀارت ۽ بنگلاديش جو ايندڙ مئچ پاڪستان سان ٿيندو.