غزه جي سرحد تي اسرائيلي فوج جي فائرنگ، فلسطيني نوجوان شهيد

news

 غزه: سومر 24 سيپٽمبر 2018ع: فلسطين جي علائقي غزه جي پٽي جي سرحد تي قابض اسرائيلي فوج  فائرنگ ڪري هڪ فلسطيني نوجوان کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي.

فلسطيني صحت واري وزارت موجب اهو واقعو اوڀر غزه ۾ پيش آيو جتي اسرائيلي فوج هڪ 21 سالن جي نوجوان جي مٿي ۾ گولي هڻي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ هو موقعي تي شهيد ٿي ويو. شهيد فلسطيني نوجوان جي سڃاڻپ عماد اشتيوي جي نالي سان ٿي آهي.