ڀارتي فلمساز ڪلپنا لاجمي چوهٺ ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي

news

 ممبئي: سومر 24 سيپٽمبر 2018ع: فلمساز ۽ اسڪرين رائٽر ڪلپنا لاجمي 64 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي آهي.

ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب ڪلپنا لاجمي جي جسم جي مختلف حصن ڪم ڇڏي ڏنو هو. ڪلپنا جون آخري رسمون ۾ هنسل مهتا، ننديتا داس رضدان ۽ روينا ٽنڊن کانسواءِ ٻين شخصيتن شرڪت ڪئي ۽ گهري ڏک جو اظهار ڪيو.