انور مجيد جي ميڊيڪل رپورٽ پيش، اسپتال کان جيل موڪلڻ جو حڪم

news

 اسلام آباد: سومر 24 سيپٽمبر 2018ع: چيف جسٽس پاڪستان ڪوڙي اڪائونٽن واري ڪيس ۾ گرفتار اومني گروپ جي سربراهه انور امجيد جي ميڊيڪل رپورٽن جو جائزو وٺڻ بعد کيس اسپتال مان جيل منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ سومر ڏينهن ڪوڙي بينڪ اڪائونٽن واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل طرفان ڄاڻايل ڪيس ۾ گرفتار انور مجيد ۽ سندس فرزند اي جي مجيد جي ميڊيڪل رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي. ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته ڪميٽي ميڊيڪل رپورٽ سان گڏ پنهنجون سفارشون به ڏنيون آهن، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته انور مجيد جاچ لاءِ وڃي سگهي ٿو.

ميڊيڪل رپورٽ تي چيف جسٽس پاڪستان پڇاڻو ڪيو ته وڪيل ٻڌائي ته انور مجيد کي سرجري ڪڏهن ڪرائڻي آهي؟ جيڪڏهن سرجري ڪرائڻي آهي ته ڪرائي وٺو نه ته جيل موڪلي ڇڏينداسين، ٻڌايو وڃي ته انور مجيد کي اسپتال ۾ رهڻو آهي يا جيل ۾؟ جسٽس ثاقب نثار چيو ته هيومورائڊ بيماري ته ڪريم سان به ٺيڪ ٿي سگهي ٿي، انور مجيد جي دل جو ته ڪو معاملو ئي ناهي.

چيف جسٽس چيو ته ڇا انور مجيد سرڪاري مهمان آهي؟ جيل موڪلي ڇڏيون؟ ڏيڍ مهيني کان موجون پيو ڪري. جنهن تي اومني گروپ جي وڪيل ٻڌايو ته  سائوٿ سٽي اسپتال مان انور مجيد جو آپريشن ڪرائڻو آهي، چيف جسٽس پڇيو ته سائوٿ سٽي اسپتال ڊاڪٽر عاصم جي ته ناهي؟ جنهن تي جناح اسپتال جي ايڊمنسٽريٽر ڊاڪٽر سيمي جمالي ٻڌايو ته نه، سائوٿ سٽي پرائيويٽ اسپتال آهي.

جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏنا ته رپورٽ جي مطابق انور مجيد صحت مند آهي.