دنيا جو سڀ کان پراڻو جانور هٿ

news

 سڊني: سومر 24 سيپٽمبر 2018ع: آسٽريلوي ماهرن دنيا جو قديم ملٽي سيلولر جانور هٿ ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هي جانور 55 ڪروڙ 80 سال اڳ زمين تي موجود هو.

آسٽريلين نيشنل يونيورسٽي جي سائنسدانن ۽ ٻين ماهرن جو چوڻ آهي ته هي هڪ تمام وڏو ۽ عجيب  ۽ غريب جانور هو، هن کي ڊڪنسونيا جو نالو ڏنو ويو جيڪو بيدي جيان لڳندو هو ۽ ان جو گهير ڏيڍ ميٽر جي لڳ ڀڳ هو.

اندازو آهي ته هي زمين تي وڏي انگ ۾ نون جانورن جي پيدائش کان به ٻه ڪروڙ سال اڳ خوشيءَ سان گذاريندو هو. ان تي تحقيق ڪندڙ پي ايڇ ڊي اسڪالر ايليا بوبرووسڪي ٻڌائي ٿو ته هي جانور روس جي بحيره اسود واري علائقي مان هٿ آيو آهي.