فيصل آباد ۾ ملڪيت جي تڪرار تان فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل، چار ڄڻا زخمي

news

 فيصل آباد: سومر 24 سيپٽمبر 2018ع: فيصل آباد ۾ ملڪيت جي تڪرار تان ڀاءُ ڀيڻ، ڀيڻيوي ۽ سندن ٽن ٻارڙن مٿان فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ ڀيڻيوو قتل ٿي ويو.

رپورٽن مطابق فيصل آباد ۾ ملڪيت جي تڪرار تان جوابدار ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ، ڀيڻيويي ۽ ان جي ٽن ٻارڙن مٿان فائرنگ ڪري ڏني، جن مان سندس ڀيڻيوو موقعي تي ئي مارجي ويو، جڏهن ته ٻيا سخت زخمي ٿي پيا. واقعي جي اطلاع تي امدادي ٽيمن ۽ پوليس پهچي لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.

زخمين ۾ 45 ورهين جي ريحانه، 18 ورهين جو اويس، 25 ورهين جي نمرا ۽ سميرا شامل آهن. واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويو، پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.