آمدني کان وڌيڪ اثاثا، خورشيد شاهه خلاف جاچ شروع

news

ڪراچي: سومر 24 سيپٽمبر 2018ع: قومي احتساب بيورو پاڪستان پيپلز پارٽي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا هئڻ جي جاچ شروع ڪري ڇڏي.

ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب نيب سکر مختلف ادارن کان خورشيد شاهه جي اثاثن بابت تفصيل گهري ورتا آهن، جڏهن ته جاچ ۾ سندس پٽ ۽ ناٺي کي به شامل ڪيو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل 2 سالن اندر نيب ۾ پيپلز پارٽي جي ڪيترن ئي وزيرن خلاف جاچ شروع ٿي آهي، جيڪا اڃا تائين دير جو شڪار آهي.

ذريعن مطابق اڳوڻي وزير ضياء لنجار، منظور وساڻ، اعجاز جکراڻي، نواب وساڻ، رئوف کوسو، سهراب سرڪي، سهيل انور سيال۽ ستار راڄپر خلاف هلندڙ جاچ به ٻن سالن کان مڪمل ناهي ٿي سگهي.