اين آر او ڪيس: پرويز مشرف جي پيشي بابت وڪيل شرط رکي ڇڏيا

news

 اسلام آباد: اڱارو 25 سيپٽمبر 2018ع:سپريم ڪورٽ ۾ اين آر او عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي دوران اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي وڪيل چيو ته جيڪڏهن پرويز مشرف جي اچڻ وڃڻ تي پابندي نه لڳائي وڃي ته هو واپس اچي سگهي ٿو.

چيف جسٽس پاڪستان ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ اين آر او عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي پرويز مشرف جي وڪيل اختر شاهه بيان حلفي عدالت ۾ جمع ڪرايو ته چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو وڃي ته پرويز مشرف پاڪستان ڪڏهن ايندو؟ چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن پرويز مشرف هڪ برگيڊ سيڪيورٽي گهري ته اها به ڏينداسين، سيڪيورٽي جٿان چوي ته مهيا ڪنداسين ۽ هو پنهنجي مرضي جي ڊاڪٽر کان علاج به ڪرائي سگهي ٿو، پوءِ اهو سي ايم ايڇ ۽ اي ايف آئي سي مان علاج ڪرائي.

چيف جسٽس پاڪستان چيو ته پرويز مشرف جي آمد کان اڳ ان جي گهر جي صفائي سٿرائي ڪرائي ويندي، جنهن جو جائزو نعيم بخاري وٺندو،  هو جنهن ايئرپورٽ تي لهندو، اتان رينجرز جو دستو سندس استقبال ڪندو، هو اچي پنهنجو بيان قلمبند ڪرائي، پوءِ گهمي ڦري. چيف جسٽس چيو ته مشرف واپس اچڻ لاءِ جيڪي انتظام چوندو اهي ڪنداسين ۽ سپريم ڪورٽ ان جي حفاظت يقيي بڻائيندي، ساڻس اثاثن جي پڇا به نه ڪئي ويندي.

چيف جسٽس پرويز مشرف جي وڪيل کان پڇيو ته پرويز مشرف جي واپسي جو شيڊول ٻڌايو وڃي. جنهن تي وڪيل جو چوڻ هو ته پرويز مشرف بزدل ناهي، جيڪڏهن هن جي اچڻ وڃڻ تي پابندي نه لڳائي وڃي ته هو واپس اچي سگهي ٿو.