گوگل ڪروم جي نئين ورزن ۾ واهپيدارن کي ڊيٽا بابت خدشا

news

 ڪيليفورنيا: اڱارو 25 سيپٽمبر 2018ع: گوگل جي مشهور برائوزنگ ڪروم نئين ورزن 69 ۾ شامل پاڻمرادو لاگ اِن فيچر سان واهپيدارن کي پنهنجي ڊيٽا پرائيوسي جي حوالي سان خدشا آهن.

ان کان اڳ واهپيدارن کي پنهنجي اختيار ۾ هوندو هو ته جو برائوزنگ تي لاگ اِن ٿين ٿا يا نه، پر هاڻي نئين ويزن ۾ واهپيدار جيئن گوگل سرچ، جي ميل يا يوٽيوب تي لاگ اِن ٿيندا ته ڪروم به کين پاڻمرادو لاگ اِن ڪري ڇڏيندو. واهپيدارن ان حوالي سان ٻڏتر جو شڪار آهن ته ان نئين فيچر کي شامل ئي ڇو ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪيئي واهپيدار ڪروم تي لاگ اِن ٿيڻ پسند ناهن ڪندا پر هاڻي گوگل پاڻ ئي کين لاگ اِن ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ڪجهه سيڪيورٽي ماهرن مطابق ڪروم جي نئين ويزن سان گوگل واهپيدارن جو ڊيٽا مختلف مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو يعني واهپيدارن جو برائوزنگ ڊيٽا غيرمحفوظ تصور ڪيو پيو وڃي. ٻئي پاسي جيڪڏهن ڪنهن واهپيدار جي جي ميل اڪائونٽ سان گڏ ٻيا اڪائونٽن به گڏيل آهن، گوگل ان کي به ٽارگيٽ اشتهارن لاءِ  استعمال ڪري سگهي ٿو جهڙوڪ گوگل ميپ يا يوٽيوب وغيرا.

ان تبديلي سان واهپيدارن کي رڳو اهو فائدو آهي ته جيڪڏهن هو ڪنهن ٻئي ڪمپيوٽر مان آن لائين آهن، جنهن ۾ سندن ڊيٽا ناهي ته هو رڳو جي ميل لاگ اِن ٿيڻ کان اڳ برائوزنگ هسٽري، محفوظ ٿيل پاسورڊ، بڪ مارڪس ۽ ٻي ڊيٽا تائين پهچ حاصل ڪري سگهن ٿا.

گوگل ڪروم جي انجينئر ۽ مينيجر ايڊريني پورٽر فيلٽ به پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ لاگ اِن عمل ۾ تبديلي جي تصديق ڪئي ۽ واضح ڪيو ته ڪنهن به واهپيدار جو ڊيٽا گوگل کي موڪلڻ ان وقت ممڪن ٿيندو جڏهن هو سنڪ فيچر کي فعال ڪندا پر اها به هڪ حقيقت آهي ته اڪثر واهپيدارن کي اها خبر ئي ناهي هوندي ته سنڪ فيچر کي فعال ڪرڻ جو ڪهڙو انجام ٿيندو ۽ هو بس ڪلڪ ڪري ڇڏيندا آهن.

اهڙي طرح سان گوگل وٽ اختيار آهن ته هو واهپيدارن جي سموري برائوزنگ هسٽري کي جمع  ڪرائي سگهي ٿو ۽ ڪنهن به قسم جي مقصدن لاءِ استعمال به ڪري سگهي ٿو.