آصف زرداري سان مدد لاءِ ڪو به رابطو ناهي ڪيو: شهباز شريف

news

 اسلام آباد: اربع 26 سيپٽمبر 2018ع: مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته مخالف ڌرين سان روز رابطا ٿيندا آهن، پر مدد لاءِ آصف زرداري سان ڪو به رابطو ناهي ڪيو.

پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جي ايگزيڪيوٽو باڊي سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جو چوڻ هو ته وزيراعظم ۽ صدارتي چونڊ تي ورهاست ضرور ٿي پر مخالف ڌر بهرحال  هڪ آهي، اختلاف راءِ جهموريت جو حسن آهي ۽ قومي معاملن تي اسان سڀ هڪ آهيون. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته پرڏيهي، گهرو ۽ قومي سلامتي جي معاملن تي اتفاق رهي، پي اي سي کي پاڻ هيڊ ڪندس ۽ جيڪي روايتون آهن انهن کي برقرار رهڻ گهرجي.

شهباز شريف چيو ته مخالف ڌرين سان رابطا ٿيندا رهندا آهن، مدد لاءِ آصف علي زرداري سان ڪو به رابطو ناهي ڪيو ۽ منهنجي علم ۾  اهڙي ڪا ڳالهه ناهي ته پيپلز پارٽي کان ڪا به مدد طلب ڪئي وئي هجي. سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جهڙي طرح جهاز ڀري ميمبر خريد ڪيا اهو به سڀني جي سامهون آهي، سمورن  ادارن جو آئين ۾ هڪ ڪردار آهي، جن کي آئيني حدن ۾ ئي رهڻ گهرجي.

شهباز شريف چيو ته 70 گاڏيون نيلام ڪري واويلا ڪئي پئي وڃي، اسان 500 گاڏيون پنهنجي دور ۾ نيلام ڪيون هيون. هن چيو ته جيڪڏهن من پسند احتساب جي ڪوشش ڪئي وئي ته مزاحمت ڪنداسين، عجب جهڙي ڳالهه آهي ته نواز شريف کي سپريم ڪورٽ نااهل ڪري يا احتساب عدالت سزا ڏي تڏهن ڊيل نه ٿي ۽ هاءِ ڪورٽ سزا معطل ڪري ڇڏي ته ڊيل آهي.