شهدادپور ۾ عورت گهر اندر پراسرار نموني فوت، وارثن پاران مڙس تي گهٽا ڏئي مارڻ جو الزام

news

شهدادپور:اربع 26سيپٽمبر 2018ع: شھدادپور شھر جي  راجپوت ڪالوني جي رھواسڻ ھڪ نياڻي جي ماءَ سگهڙ زال امير ٿهيم  گھر اندر پراسرار نموني فوت  ٿي وئي. جنهن بعد عورت جو لاش سندس مڙس سمس اسپتال شھدادپور کڻائي آيو، جتي ڊاڪٽرن عورت جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.

جڏهن ته پوليس عورت جي مڙس کي تحويل ۾ وٺي لاڪپ ڪري عورت جو لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ موڪليو ويو.

ان سلسلي ۾ ڳوٺ قائم ٿھيم واسي فوتي عورت جي پيءَ سھراب ٿھيم ۽ ڀاءَ ذوالفقار ٿهيم ميڊيا سان ڳالھائيندي الزام لڳايو ته منهنجي نياڻي سگھڙ کي سندس مڙس امير ٿھيم ۽ ٻين رات جو  گھر اندر بيدردي سان گھٽائي ڏئي قتل ڪيو آھي ۽ بيماري جو ڊرامو رچايو آھي، اسان جي نياڻي سان وڏو ظلم ڪيو آھي، انصاف ڪيو وڃي.

ٻئي طرف مڙس امير ٿھيم ٻڌايو ته منھنجي زال ڪجھ وقت کان بيمار ھئي، علاج ڪرائيندو ھئس جنھن کان منھنجا ساھرا با خبر ھئا، رات  بيماري سبب بلڊ پريشر اوچتو گھٽجي ويو ۽ آئون کيس جلدي اسپتال کڻائي آيس، جتي پھچڻ سان ئي فوت ٿي وئي آهي. زال کي گھٽا ڏئي مارڻ وغيرہ جو الزام غلط آھي، ڪجھ شرپسند ماڻھو مون کي بيگناھ ڦاسائي رھيا آھن.

ٻئي طرف پوليس اھڙي واقعي جو ڪوبہ ڪيس داخل نه ڪيو. جڏهن ته شھدادپور پوليس جو چوڻ آھي تہ ڄاڻايل عورت جي فوتگي ٿيڻ جي اطلاع تي استال پھتاسين، جتي عورت جي پيء ۽ ٻين بيماري سبب اوچتو فوت ٿيڻ جو چئي لاش گھر کڻائي ويا، رات گذارڻ بعد عورت کي گھٽا ڏئي مارڻ جو چئي  لاش کي ٻيھر کڻائي آيا، اھڙي الزام بعد عورت جي مڙس کي گرفتار ڪري  لاش کي پوسٽ مارٽم ڪرائي وارثن حوالي ڪري جاچ ڪري رھيا آھيون.01