نيشنل پارڪ جي خانگي زمين تي به بيٺل وڻ نٿا وڍي سگهجن: چيف جسٽس

news

 اسلام آباد: اربع 26 سيپٽمبر 2018ع: چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو آهي ته نيشنل پارڪ ۾ خانگي ايراضي تي به وڻ نٿا وڍي سگهجن، لاڳاپيل اٿارٽي جي اجازت کان سواءِ وڻ نٿا وڍي سگهجن.

مارگلا هلز تي وڻن جي واڍي بابت پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽن ميمبرن واري بئنچ ڪئي. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته اڄ هن ڪيس کي ختم ڪرڻو آهي، رپورٽ اچي وئي آهي. ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته حڪومت پاران پرائيويٽ ايراضي تي قبضو آهي، ٻيلا 14 هزار ايڪڙ تي ٻڌل آهن.

چيف جسٽس چيو ته ان ۾ سپريم ڪورٽ به اچي ويندي. ايڊيشنل اٽارني جنرل کيس جواب ڏنو ته سپريم ڪورٽ نيشنل پارڪ ۾ نٿي اچي. چيف جسٽس چيو ته ان حدبندي تي ڪو اعتراض داخل ناهي ڪيو ويو، نيشنل پارڪ ۾ خانگي ايراضي به شامل آهي، جيستائين خانگي ايراضي کي ريگيولرائيز نه ڪيو ويندو مسئلو حل نه ٿيندو.

هن حڪم ڏنو ته نيشنل پارڪ ۾ خانگي ايراضي تي به وڻ نٿا وڍي سگهجن، لاڳاپيل اٿارٽي جي اجازت کان سواءِ وڻ نٿا وڍي سگهجن. سپريم ڪورٽ سروي جنرل جي رپورٽ ڌرين کي ڏيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي اڻڄايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.