غيرقانوني اشتهاري ٺيڪو: يوسف رضا گيلاني پاران حاضري کان هميشه لاءِ ڇوٽ واري درخواست داخل

news

 اسلام آباد: اربع 26 سيپٽمبر 2018ع: اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني عير قانوني اشتهاري ٺيڪي ريفرنس ۾ احتساب عدالت آڏو پيش ٿي حاضري کان مستقل ڇوٽ جي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي. احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ جي حڪم تي اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني عدالت ۾ پيش ٿيو. ان موقعي تي اڳوڻي وزيراعظم موقف اختيار ڪيو ته انفارميشن ٽيڪنالوجي وزارت جي مشهوري لاءِ اشتهارن جو ٺيڪو ڏنو، جيڪو پيپرا رولز جي تحت ڏنو ويو هو.

يوسف رضا گيلاني حاضري کان مستقل ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي ۽ چيو ته سيڪيورٽي سببن جي ڪري پيش نٿو ٿي سگهان جڏهن ته چئن ٻين ڪيسن ۾ ڪراچي جي عدالتن ۾ به پيش ٿي رهيو آهيان. عدالت ڇوٽ جي درخواست کي نيب کي نوٽيس جاري ڪندي حڪم ڏنو ته نيب پراسيڪيوٽر ايندڙ ٻڌڻي تي ڇوٽ جي درخواست تي جواب جمع ڪرائي.

عدالت يوسف رضا گيلاني کي به 10 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ۽ چيو ته مچلڪه حاضري تي ضرور اچڻ لاءِ جمع ڪرايا وڃن، جنهن کانپوءِ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 22 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي.