ڳڙھي حسن واسي فوجي جوان پنجگور ۾ دهشتگردن سان مقابلي دوران شهيد

news

ڳڙهي حسن: اربع 26سيپٽمبر 2018ع:ڳڙھي حسن ڀرسان سنڌ بلوچستان جي سرحدي پٽي پنهور سنهڙي جي ڀنگر محلي جو رواسي 32 سالن جو نوجوان نورحسن ڀنگر ولد محمد سليمان ڀنگر 12 سالن کان پاڪ فوج ۾ ڊيوٽي ڏئي رهيو هو.

جيڪو پنجگور واري علائقي ۾ گشت دوران دهشتگردن سان مقابلي ۾ شهيد ٿي ويو، جنهن جي شهادت بابت سندس گهر اطلاع ڏنو ويو آهي، شهيد فوجي جوان نور حسن ڀنگر ٽن ٻارڙن جو پيءَ آهي، اولاد ۾ کيس هڪ پٽ ۽ ٻه نياڻيون آهن.

جڏهن ته شهيد جوان جو مڙھ پنهور سنهڙي آڻڻ لاءِ سندس وارث پنجگور پهچي ويا، لاش اڄ پنهور سنهڙي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو.01