تحريڪ انصاف حڪومت مدرسن خلاف هرگز ناهي: پرويز خان خٽڪ

news

 نوشهره: جمعو 28 سيپٽمبر 2018ع: بچاءَ واري وزير پرويز خان خٽڪ چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت ديني مدرسن خلاف هرگز ناهي، حقيقت ۾ ديني مدرسن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ان حوالي سان هيستائين حڪومت ڪو قدم ناهي کنيو، حڪومت هر فيصلو وفاق المدارس جي انتظاميه ۽ سمورن مڪتبِ فڪر جي عالمن جي مشاورت کانپوءِ ڪندي. وزيراعظم عمران خان ديني مدرسن جو تمام گهڻو احترام ڪري ٿو ڇو ته مدرسا اسلام جو قلعو آهن ۽ علم جي روشني پکيڙڻ ۾ ديني مدرسن جو وڏو اهم ڪردار آهي.

هن چيو ته ڪجهه عنصر افواهون پکيڙي غلط فهميون پيدا ڪري پنهنجو سياسي دڪان نه چمڪائين، وزيراعظم مديني شريف واري رياست جي حڪمرانيءَ واري طرز جو واعدو پورو ڪري ڏيکاريندو ۽ ديني مدرسن خلاف عالمي سازشن جو خاتمو ڪري ڏيکارينداسين.

پرويز خان خٽڪ چيو ته حقيقت اها آهي ته قائداعظم محمدعلي جناح کانپوءِ هن ملڪ سان جيڪا راند کيڏي وئي ان جو مثال نٿو ملي، سياسي ۽ ديني جماعتن جي قيادتن پڻ پنهنجون ٽجوڙيون ڀرڻ کانسواءِ ڪجهه نه ڪيو، جعلي منشور پيش ڪيا ويا ۽ ملڪ کي تباهيءَ ڏانهن ڌڪڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي وئي.

هن چيو ته قائداعظم محمدعلي جناح کانپوءِ عمران خان جي صورت ۾ اسان کي ايماندار قيادت ملي جنهن جو مشن ان ملڪ کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ، ادارن جي بحالي ۽ دنيا جي نقشي تي باوقار ملڪ بڻائڻ آهي، اها ڳالهه اسان جي مخالفن کي هضم نه ٿي رهي آهي.