ڏنڊ ڪيس: عدالت پاران پيش نه ٿيڻ تي عمران خان کي اشتهار ذريعي نوٽيس جاري ڪرڻ جو حڪم

news

 پشاور: ڇنڇر 29 سيپٽمبر 2018ع: پشاور جي عدالت ڏنڊ واري ڪيس ۾ پيش نه ٿيڻ تي وزيراعظم عمران خان کي اشتهار ذريعي نوٽيس جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. 

رپورٽن مطابق پشاور جي مقامي عدالت ۾ عمران خان خلاف ڏنڊ جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان طرفان عدالت ۾ ڪير به پيش نه ٿيو. عدالت عمران خان کي اشتهار ذريعي نوٽيس جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته اخبار ۾ اشتهار ذريعي عمران خان کي نوٽيس جاري ڪيو وڃي. ووٽ وڪرو ڪرڻ جي الزام تي اڳوڻي ايم پي اي عمران خان خلاف 50 ڪروڙ رپيا ڏنڊ جي دعويٰ ڪئي آهي، عدالت پهريون به عمران خان کي 3 ڀيرا نوٽيس جاري ڪري چڪي آهي.